لال ذڪريا رحه

لال ذڪريا رحه: هي قديم قبرستان ضلعي ٺٽي ۾، ميرپور ساڪري شھر کان لڳ ڀڳ چار ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف سائين کولائي جي ڀرسان آهي. هي بزرگ جيلاني سيد آهي. پاڻ علمي ڪمال سان سينگاريل ۽ حافظ قرآن هو. مختلف روايتن موجب پاڻ سمن جي دؤر ۾ هتي آيو ۽ درس تدريس جو ڪم ڪندو رهيو. هي قبرستان لڳ ڀڳ پنجاهه ايڪڙن تي پکڙيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو